سيـتا زينب

سيـتا زينب

سيتا زينب

سيـتا زينب (ناول): هي مشهور ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڊراما نـويـس زيب سنڌيءَ جو ناول آهي. ناول جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي عبدالقادر جوڻيجي جا تاثر شامل آهن. ناول جو موضوع ڇوڪرين جو مذهب بدلائڻ آهي، جيڪو موضوع اڄوڪي سماج ۾ شدت اختيار ڪري ويو آهي. ناول جي خوبي ان جو ربط آهي. ناول بابت عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي ته ”ڊائريڪٽر دوست جي زور بار تي هن هلندي ناول کي روڪي، ناول جي اسٽوري لائين تي ٽيلي فلم لکي ڇڏي هئي، پوءِ سندس ناول اڌورو رهجي ويو. اڌ ۾ ڇڏيل ڪڏهن به پورا نه ٿيندا آهن، پر زيب سنڌيءَ جو ڪمال آهي ته هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو.“ هن ناول جي ڪهاڻيءَ تي مشهور اردو چينل اي. آر. واءِ، سيتا زينب نالي سان ٽيلي فلم ٺاهي جنهن شهرت ماڻي، جيڪا ڏهاڪو دفعا ٽيليڪاسٽ ٿي. پڪي جلد سان 144 صفحن تي مشتمل هي ناول روشني پبليڪيشن پاران 2011ع ۾ ڇپايو، جنهن جي قيمت 150 روپيا ڄاڻائي آهي. هن ناول کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ 2011ع جي بهترين ناول جو اوارڊ ڏنو آهي.


لفظ سيتا زينبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو